Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 10 February 2017

سنڌ بچايو لانگ مارچ نظم

عوامي تحريڪ جي ڪارڪن رائي چند مينگھواڙ جو ''سنڌ بچايولانگ مارچ'' تي لکيل نظم
سڀ ساٿي گڏجي سنڌ کي بچايون،
ابن ڏاڏن جي سنڌڙي کي سجايون.
ڀائر ڀينرون دودا او سنڌ جا،
اچو ته گڏجي ظالم کي ڀڄايون.
اٿي پورھيت سڄاڳ ٿي سڄاڳي ڦھلا،
ڇو  پيو کڻي ڏکن جا ڏھلا اجايو.
وحشي وڏيرا قاتل پناھگير،
ھاري مزدورن کي آھ مارايو.
ڪري لانگ مارچ ٿر کان ڪراچي تائين،
ظلم ۽ بربريت جي گھر گھر داستان ٻڌايون.
ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي کڻون ڳاڙھا جھنڊا،
پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجا ننگ بچايون.
چوي ٿو روھيت رائي سنڌ جي سڄڻن کي،
اچو ته عوامي تحريڪ جو پيغام گھر گھر پڄايون.

No comments:

Post a Comment