Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Friday 10 February 2017

ڀاڄوڪڙن ۽ بڙ بڙ ڪندڙن سان تاريخ پاڻ حساب ڪندي..


ابراهيم ڪنڀر جي وال تان 10 فيبروري 2017
ڀاڄوڪڙن ۽ بڙ بڙ ڪندڙن سان تاريخ پاڻ حساب ڪندي..

مون کي ياد آهي  ٿر وارو هي اشو اڃان صفا نئون هو، فيس بوڪ تي هڪ ٻن پيغامن کان پوءِ خليل ڪنڀار فون ڪيو، هو گوڙاڻي ڊيم جي حمايت ۾ ڇپيل هڪ مضمون تي مون سان حال احوال ونڊيندي روئي پيو هو، انهي وقت ٿر جي ڪوئلي واري سوني جهرڪي ڏانهن اک ٽيڏ ڪري نهاريندڙ سرمائيدار مافيا، سرڪار، جيالن  سان گڏ انهي  منصوبي ۾ پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي آسري  ۾ ويٺل  چڱن خاصن ماڻهن جي لاءِ ڪير ڪجھ ڪڇڻ جي لاءِ تيار نه هو، نواز زئنور جو جوابي مضمون به انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، انهي خليل پارن ماڻهن جي سرير ۾ ساهه وڌو، آئون آڱرين تي ڳڻائي سگهان ٿو ڪجھ نالا هئا جيڪي  ٿر سان ٿيندڙ زيادتي جي خلاف   سوشل ميڊيا تي مهم به هلائي رهيا هئا پر ٻي پاسي هڪ وڏو ٽولو هو جيڪو اينگرو انتظاميه جي حمايت ۾ ون ٽو ٿري ڪري جاوا ڪرڻ جي لاءِ آتو هو..
. مون کي انهن ڏينهن ۾ اميد نه هئي ته هڪ ٻن ماڻهن جي مهم کان پوءِ هي معاملو ايترو مچندو جو اينگرو انتظاميه مجبور ٿي ڌر ڌڻين سان ڳالهائيندي، انهن ڏينهن ۾ مون ڪجھ دوستن کان پڇا ڪئي ته يار اسان وارا چونڊيل نمائندا ڪٿي آهن؟ هڪ ٻن چونڊيل نمائندن سان مون پاڻ ڳالهايو جن ٿر جي انهي معاملي تي مجرماڻي غفلت جو اعتراف به ڪيو پر جئين ته زرداري مافيا پارٽي جا هن سموري معاملي ۾ وڏا مفاد آهن انهي جي ڪري ڪنهن کي جرعت نه ٿي ٿئي جو هو ٿرواسين جي حقن جي لاءِ  کلي عام ، پارٽي يا ايوانن اندر ڳالهائي سگهي، مون کي نه ٿو سجهي ته قومي اسيمبلي ۾ ٿرپاڪر مان چونڊيل ٻن ايم اين ايز، ٿر سان لڳندڙ ميرپورخاص يا بدين ضلعي جي چونڊيل نمائندن  مان ڪنهن هڪڙو  اکر به ڳالهايو هجي.اهڙي ريت  ايوان بالا سينيٽ ۾  سب سي سستي خاموشي لڳي پئي آهي....اهو ته ٿيو هڪڙو پاسو..ٻيو پاسو وري اهو  آهي جو اينگرو سان ساز باز ڪندڙن جو هڪ ٽولو آهي جيڪو رڳو نه صرف خاموش آهي پر اهو ٿر جي معاملي تي ٿيندڙ ڪنهن به احتجاج کي رد ڪندي احتجاج ڪندڙ ڌرين کي سوشل ميڊيا تي گھٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي پگهار کڙي ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
اهو ضرور آهي ته سوشل ميڊيا تي انهي احتجاج جي خلاف ڪنهن ساڃاهه وند، نالي  واري دانشور، اديب، پڙهي لکئي ماڻهو احتجاج جي مخالفت نه ڪئي آهي، نه وري هو اهڙُو رسڪ کڻي به سگهي ٿو، پر سڄو ڏينهن ٿر ٿر ڪندڙ، ٿر جي حقن جي دعويداري ڪندڙ، ٿر جي نالي تي ڊونر ادارن کان ڪروڙين رپيا ڪرٽيندڙ، ڪئين اين جي اوزسٽ منهن ۾ رومال وجھيو ويٺا آهن جڏهن ته ڪجھ پدا پتڪڙا وو، وو ۾ مصروف ۾ آهن انهن کي اڳ ۾ نه پر هن وقت عوامي تحريڪ يا سندس قيادت ۾ نقص نظر آيا آهن، جڏهن هو هڪ اڻانگي سفر تي آهن.
سوشل ميڊيا تي  سياسي بحث بدران تون ڇا تون ڇا کان ويندي ذاتي نوعيت جي الزام تراشي ٿي رهي آهي.هاڻ آئون انهي راءِ تي اچي پهتو آهيان ته” بس فقير رمندا رهن“ جيڪي بڙ بڙ ڪن ٿا انهن کي وقت  پاڻ ئي جواب ڏيندو، سنڌ  ۽ تاريخ پنهنجو پلاند ڪرڻ ڄاڻي ٿي.. جن ساڃاه وند دوستن هن مارچ ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي انهن جي اعلان جي آجيان ڪرڻ گهرجي.. جيڪڏهن ڪو بڙ بڙ ڪري ٿو ته انهي کي سمجهائڻ جي بدران کيس پنهنجو  اجورو پڪو ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪي مونجهارن ۾ ورتل  دوستن آهن ته انهن  کي دليلن سان قائل ڪجي. جيڪي ڀاڄوڪڙ ڀڄي ويا آهن انهن تي تاريخ جي ڦٽڪار پوڻ جي لاءِ دوستن کي سهپ، تهمل سان انتظار ڪرڻ گھرجي....

No comments:

Post a Comment