Welcome

This is official blog of Awami Tahreek, Sindh, Pakistan.

Tuesday 7 February 2017

Save Sindh Long March 3rd day at Mithi

عوامي تحريڪ جو اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين پيادل سنڌ بچايو لانگ مارچ اڄ ٽين ڏينهن مٺي پهتو. هزارين ماڻهن جي ريلي

عوامي تحريڪ طرفان 5 فيبروري تي اسلام ڪوٽ کان شروع ٿيل سنڌ بچايو لانگ مارچ
جيڪو 8 مارچ 2017ع ڪراچي پهچندو هي مارچ ڪرپشن، دهشتگردي، انتهاپسندي، پاڻي تي ڌاڙن، گوڙاڻو ڊيم، ذوالفقار آباد، بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي، بي روزگاري، بدامني، شهرن جي ترقياتي بجيٽ تي ڌاڙي ۽ ڌارين جي آبادي خلاف ۽ سنڌ جي خوشحالي، روزگار ۽ وسيلن جي مالڪيءَ جهڙن مسئلن وارو مارچ اڄ مٺي پهچڻ کان اڳ ڳوٺ مالڻهور ويڻا کان سوين سنڌياڻين ۽ هزارن سنڌين جو مارچ جيئن ئي شروع ٿيو ته مختلف ڳوٺن جي ماڻهن استقبال ڪيو. مٺي جي واپارين ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ماروي پيٽرول پمپ تي گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو. ايس ٽي پي طرفان پانڌيئڙن کي چانهن پياري وئي ۽ اڳواڻي ڪندڙن کي گلن جا هار پارايا ويا. اڄ 5 وڳي تائين مٺي جي واپارين پنهنجو ڪاروبار ۽ دڪان بند رکيا. هزارين ماڻهن وک وک تي مارچ جي پانڌيئڙن جو استقبال ڪيو ۽ شهرين جا جٿا مارچ ۾ شامل ٿيندا ويا. هزارين ماڻهن جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ گوڙاڻو ڊيم نامنظور، هي سنڌ ڪنهن جي سنڌين جي، سنڌي جاڳو سنڌ بچايو، آدمشماري ۾ سنڌي لکرايو قوم بچايو، سنڌي سڏايو قوم بچايو، سنڌي ڳڻايو قوم بچايو ۽ ٻين نعرن سان گجگوڙيون ڪندي جڏهن ڪشمير چوڪ تي پهتو ته اتي هزارين ماڻهن 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي جلسو ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراھ محترم رسول بخش پليجي چيو ته پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ڄڻ ته قيدي بنجي وئي. سنڌ جي هر وسيلي تي قبضو ڪيو ويو. سنڌي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ ويڳاڻا ٿيندا پيا وڃن. سنڌين جي ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ئي نه رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ سميت پاڪستان کي وجود ڏيندڙ قومن جنهن ليڊر محمد علي جناح تي اعتبار ڪري پاڪستان ۾ شموليت لاءِ رضامندي ڏيکاري هئي ۽ پاڪستان کي وجود ۾ آندو مفادپرست حڪمران طبقي ان ئي حق پرست ۽ انسان دوست قوم جي وجود تي وار ڪرڻ شروع ڪيا. پاڪستان ٺهڻ شرط پهرين ڏينهن کان سنڌي قوم سان ظلمن ۽ زيادتن جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي اهو نه فقط جاري آهي پر ان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسين جن حڪمرانن کي چونڊي ايوانن ۾ موڪليون ٿا اهي اسان جي حقن ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ بدران سنڌي قوم کي غلام بنائيندڙن جا ساٿاري رهيا آهن. تنهن ڪري ڪنهن به ٻئي جو آسرو ڪرڻ کان سواءِ توهين پاڻ جيڪي ظلمن جا شڪار آهيو اهي مرد، عورتون، ننڍا، وڏا پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهو. هن چيو ته هن شاندار تاريخي پرامن لانگ مارچ ۾ توهان جنهن جوش جذبي سان شامل ٿي هن کي ڪامياب ڪري رهيا آهيو ان لاءِ آئون توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو. عوامي تحريڪ جي صدر جي اين کوسي ايڊووڪيٽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان شاندار ۽ تاريخي مارچ ڪري گوڙاڻو ڊيم کي دفن ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. گوڙاڻو ڊيم رڳو ٿر جو مسئلو نه آهي. هي سنڌ جو مسئلو آهي. عوامي تحريڪ جي اها تاريخ رهي آهي ته اها سنڌ جي حياتي ۽ موت جهڙن جن مسئلن تي سوڀ تائين جدوجهد کي جاري رکندي آهي. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته ايوب جي حڪموت کان وٺي اڄ تائين سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي عوامي تحريڪ نه رڳو بي نقاب ڪيو آهي پر پنهنجي ڪارڪنن ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي پرعزم جدوجهد ذريعي انهن سازشن کي ناڪام پڻ بڻايو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري وسند ٿري ايڊووڪيٽ چيو ته سنڌ حڪومت جي چرچ تي سرڪاري ڪامورن هن لانگ مارچ کي ناڪام ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي پر اسين کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته توهين رڳو حڪومت جا ملازم نه آهيو پر عوام جا به ملازم آهيو ۽ ٻڌي ڇڏيو ته عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ ليڊرشپ توهان جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي ان سنڌ بچايو سوڀاري لانگ مارچ کي ڪراچي پهچائي سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏيندا ته اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪومتون اسان سنڌين سان ڪهڙيون ويڌنون ڪن ٿا. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مريم گوپانگ، عوامي تحريڪ اڳواڻ امجد پليجو، دليپ دوشي، ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي، ايس بي ٽي جي سانول گوپانگ، ايس ايس ٽي مرڪزي صدر انقلاب ٿري، سومجي ڪولهي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حاڪم جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي خليل، موهن، تلسي، غلام نبي، مجيد، سليم، عطا محمد سميت درجنين نوجوانن عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment